سکر برسات متاثرن جي واهر، کاڌ خوراڪ، صحت علاج ۽ ٻيون سهولتون پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪري رهيا آهيون، سکر جامعه بيت الرحمن جي چيئرمين مفتي محمد طاهر گهانگهرو ڪنڌرا ۾ لڳايل مفت طبي ڪيمپ ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته جامعه بيت الرحمان پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪنڌرا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پهرين ڏينهن کان هن وقت تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت 700 گهراڻن ۾ راشن، 300 گهراڻن م ٽينٽ، ترپال ۽ پلاسٽڪ ڏنيون ويون، 16 ڏينهن تائين 350 ماڻهن کي پناهه ڏئي ٽي وقت کاڌ خوراڪ فراهم ڪئي وئي، 16 ڏينهن روزانا 10 ديڲيون پڪل کاڌو تيار ڪري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ متاثرن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين 700 کان وڌيڪ متاثر خاندان گهراڻن کي راشن ۽ روڪ رقم پڻ تقسيم ڪئي وئي آهي. 1800 کان وڌيڪ گهرن کي مڇرمارلوشن ۽ مڇرداڻيون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته چار 4 مفت ميڊڪل ڪيمپ قائم ڪري 4000 هزار کان وڌيڪ مريضن جو ماهر ڊاڪٽرن پاران مفت چڪاس ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون آهن، هن وقت ڪنڌرا جي هر هڪ ڳوٺ ۾ مڇرمار اسپري ڪيو پيو وڃي جيڪو سلسلو جاري آهي
