ڪشمور: چوپائي مال تان شر ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

ڪشمور ويجهو گهلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ چوپائي مال جي معاملي تان شر ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڪوش برادري جا 2 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا. جڏهن ته 4 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن.فائرنگ جي نتيجي ۾ ميهوال ڪوش ۽ بچل ڪوش مارجي ويا. دلاور ڪوش، سندس 2 پٽ سخي ۽ ببن زخمي ٿي پيا هئا. جن مان ببناسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته شر ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جي 3 نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.ٻئي طرف اهڙي واقعي کان پوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي ٻنهي ڌرين طرفان مورچابند ٿي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو آهي.