بلوچستان : ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل سانگهڙ واسي ميجر ثاقب ۽ دادو واسي نائڪ باقر علي جي فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي. پاڪ فوج جي شهيد ميجر ثاقب جي جنازي نماز پوليس لائين سانگهڙ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن، سول سوسائٽي، پاڪ فوج جي جوانن، آفيسرن ۽ رينجرز آفيسرن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ميجر ثاقب حسين باجوه سانگهڙ شهر جي زاهد ٽائون علائقي جو رهواسي هو جيڪو تربت ۾ گشت دوران دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. شهيد ميجر ثاقب حسين جو مڙهه سانگهڙ جي حر قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ميجر ثاقب جي سوڳوارن ۾ والدين، بيوه ۽ ٽن سالن جي نياڻي شامل آهن.دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل دادو ضلعي جي نائڪ باقر علي جو مڙهه به ميهڙ ويجهو بخش لاکير ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوج جي جٿي پاران سلامي پيش ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب بلور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن سان ويڙهه شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ ميجر ثاقب ۽ دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ نائڪ باقر علي شهيد ٿي ويا. دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ عمير زخمي ٿي پيو. سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي امن تباهه ڪرڻ وارين ڪوشش کي ناڪام بنائڻ لاءِ پرعزم آهي.