اسسٽنٽ ڪمشنر ڪورنگي عرفان نظاماڻي ڪورنگي ٽائون جي مُختلف علائقن جو دورو ڪيو.ان دوران سرڪار پاران کير جي مقرر ڪيل اگهه تي وڪرو نه ڪندڙ دڪانن تي ڇاپا هڻي ڏنڊ مڙهيو ويو. ڪجھ کير جي دڪانن کي سيل پڻ ڪيو ويو.ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪورنگي عرفان نظاماڻي جو چوڻ هيو ته ڪنهن به صورت مهانگائي جي اجازت نه ڏني ويندي. سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهن تي عمل درآمد ڪرائي عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويندو.