اڳوڻي حڪومت ۾ ڪورونا وبا دوران ملندڙ امداد ڪاروباري ماڻهن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا دوران مالياتي ادارن طرفان ملندڙ امداد ڪاروباري ماڻهن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گذريل حڪومت ٽي اي آر ايف اسڪيم جي تحت 620 صنعتڪارن کي 10 سالن لاءِ بنا ڪنهن وياج جي 3 ارب ڊالر ڏنا.اجلاس دوران پي اي سي ميمبر برجيس طاهر چيو ته ڪميٽي کي ٻڌايو وڃي ته اها رقم ڪٿي سرمائيڪاري لاءِ لڳائي وئي.اجلاس دوران ميمبر محسن عزيز چيو ته اسڪيم مان 32 لک ماڻهن کي روزگار مليو ۽ 4 ارب ڊالر جي برآمدات وڌي. اهڙي طرح جون سهولتون ماضي ۾ به ڏنيون ويون.پي اي سي آڊيٽر جنرل کي 3 ارب ڊالرن جي پرفارمنس آڊٽ ڪرڻ جڏهن ته ايف آءِ اي ۽ نيب کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي اي سي چيئرمين چيو ته آرمي چيف ۽ سيڪريٽري دفاع کي به لکيو وڃي ته آءِ ايس آءِ هن معاملي جي جاچ ڪري.هن ناڻي واري وزارت کي 19 اپريل تي هدايت ڪئي هئي ته بنا وياج جي 3 ارب ڊالرن جا قرض وٺندڙن جا نالا ٻڌايا وڃن جيڪي اڃان تائين ناهن ڏنا ويا.ڪميٽي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ فهرست پيش ڪئي وڃي. جڏهن ته ناڻي واري سيڪريٽري کي به اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو.