توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميشن ڪئي.اسلام آباد پوليس جي اهلڪار چيو ته مان فواد چوڌري جي گرفتاري وارنٽ جي تعميل لاءِ ان جي رهائشگاهه ويو هئس جتي ان جو ڀاءُ فيصل چوڌري مليو، جنهن چيو ته منهنجي ڀاءُ خلاف سياسي ڪيس آهن اهو اسان کي به نه مليو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته فواد چوڌري نه پاڻ آيو نه ئي هن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي.فواد چوڌري جي معاون وڪيل ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ اڄ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏنا آهن ته ڪيس ملتوي ڪريو ڇو ته هاءِ ڪورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندي.اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جي معاون وڪيل جي استدعا رد ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.