ڪنڌڪوٽ : لڳ سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي وٽ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل فائرنگ جو سلسلو جاري

ڪنڌ ڪوٽ : لڳ سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي ء ملگزار ٿاڻي جي حد ڳوٺ گوپٽ بگٽي ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو ٻن ڌرين ۾ جيھڙو ٿي پيو ء جديد ھٿيارين سان ھڪ ٻئي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب دوست محمد بگٽي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن