سويڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي خلاف ماڻهون روڊن تي نڪري آيا

سويڊن ۾ پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف حر جماعت ، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ شهرين پاران ٺڪراٺو جي شهيد سورهيه بادشاھ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين فنڪشنل ليگ ڪارڪنن عبدالسلام راڄڙ ، فقير علي گوهر مهر ، راجه حقنواز ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته سويڊن حڪومت جو ناپاڪ قدم کليل مغربي انتهاپسندي آهي اڄ پوري دنيا جي امت مسلمه جنهن جڳھ تي بيٺي آهي اهو سموري دنيا آڏو هڪ مثال آهي امت مسلمه سميت اسان اهو مغربي دنيا کي ياد ڏياريو ٿا ته اسان سڀ شيء برداشت ڪري سگهون ٿا پر پنهنجي دين اسلام ۽ پنهنجي پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي برداشت نه ٿا ڪري سگهون اسان جون هي سموريون حياتيون حرمت رسول الله ۽ حرمت قرآن پاڪ تي قربان آھن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سويڊش حڪومت خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي مظاهرين حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سويڊن سان پنهنجا سفارتي تعلقات ختم ڪري ۽ پاڪستان مان به سويش سفارتڪار کي تڙي ڪري امت مسلمه جي ٿيل دل آزاري جو تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي احتجاج ۾ هر پاسي حرمت قرآن زنده آباد ۽ سويڊن حڪومت مرده آباد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا گونجندا رهيا