ڪنڌڪوٽ :شھر سميت ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جي باهه ۽ اغوا ٿيل معصوم ٻارن عظيم ميڻڪ،فرحان سومرو، صداقت حاجاڻو،

ڪنڌڪوٽ :شھر سميت ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جي باهه ۽ اغوا ٿيل معصوم ٻارن عظيم ميڻڪ،فرحان سومرو، صداقت حاجاڻو، جئدیپ ڪمار، سميت مکي جڳديش ڪمار، احسان شيخ پورھيت موتي لال، نندلال ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سٽي پارڪ کان مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو، اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن گھنٽا گھر چوڪ تائین احتجاجي ريلي ڪڍي امن ڏيو امن ڏيو، سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو جي نعريبازي ڪندي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بدامني سبب عوام خوف ۾ زندگي گذاري رھي آھي آخر پوليس ڪٿي گم آهي شھر واسي عدم تحفظ جو شڪار آهن روزاني ڦرلٽ جي واقعن عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي پوليس امن قائم ڪرائڻ م مڪمل ناڪام آھي اغوا ٿيلن مغوين کي پوليس ڏوھارين جي قيد مان بازياب نه ڪرائي سگھي آهي جنهن ڪري مغوين جي گھرن ۾ سوڳ جو ماحول بڻيل آهي اسين سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪنڌڪوٽ جي خراب ٿيل حالتن جو نوٽيس وٺي ڪري امن امان قائم ڪرائي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي