ڪنڌڪوٽ :غوثپور ھڪ ھفتو اڳ شھر ڀرسان ڳوٺ مير واحد بخش خان بجاراڻي مان پراسرار نموني گم ٿيل 12 ورھين جي نينگر مقبول ميراڻي کي حد جي پوليس بازياب ڪرڻ ۾ ناڪام۔ متاثر نينگر جي والد شڪيل ميراڻي جو پنھنجي معصوم ٻارڙن سان پريس ڪلب آڏو احتجاج۔ معصوم ٻار کي ترت بازياب ڪرڻ جو مطالبو۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ته ھڪ ھفتو اڳ ڳوٺ مير واحد بخش بجاراڻي لاڙي تي ٿاڌل جي دوڪان تي پورھيو ڪندڙ ٻارنھن سالن جو نينگر مقبول احمد ميراڻي پراسرا نموني دوڪان کان گھر ويندي رستي مان گم ٿي ويو ھيو ته ھن مھل تائين واپس ناھي موٽيو۔ سندس جي وارثن نينگر کي اغوا جو شڪ ڄاڻائي غوثپور ٿاڻي تي واقعي جي اين سي به داخل ڪرائي ھئي مگر حد جي پوليس نينگر جي بازيابي لا۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو۔ جنھن سبب سندس گھر ۾ روڄ راڙو ۽ ماتم ڇانئيل آھي۔ ٻئي پاسي نينگر جي والد ميڊيا آڏو دانھيندي پ پ چئرمين بلاول ڀٽو۔ آ۽ جي سنڌ۔ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون کي روئي ڪري ٻاڏائيندي چيو آھي ته خدا جي واسطي مونکي پنھنجو ٻچڙو بازياب ڪرائي ڏيو نه ته مان ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيندس