ڪنڌڪوٽ :وثپور علائقي جي پ پ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي چاچي ۽ اڳوڻي پ پ ايم پي اي مير حاڪم علي خان سندراڻي کي ھزارين آلين اکين سان سندس

ڪنڌڪوٽ :غوثپور علائقي جي پ پ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي چاچي ۽ اڳوڻي پ پ ايم پي اي مير حاڪم علي خان سندراڻي کي ھزارين آلين اکين سان سندس اباڻي شھر ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو۔ سندس جي جنازه نمازه ۾ مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان ھزارن جي تعداد ۾ معززين۔ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن۔ سردارن۔ سول سوسائٽي توڙي راڄ ڀاڳ وارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ھر اک آلي ھئي۔ جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيندڙ معززين ۾ سردار شھيار مھر۔ مير اعجاز جکراڻي۔ مير گل محمد جکراڻي۔ سردار تيغو خان تيغاڻي۔ مير شيراز علي بجاراڻي۔ مذھبي عالم سيد محمد شاه جيلاني۔ درگاه شاھ غوث جيلاني جو سجاده نشين سيد يعقوب علي شاھ۔ ڊاڪٽر سھراب سرڪي۔ الطاف خان ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ سندس وارثن پاران پ پ ايم پي جي بنگلي تي تڏو وڇايو ويو آھي۔ فوتي مير حاڪم خان سندراڻي جي سوڳ ۾ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ڪاروبار مڪمل بند رھيو ۽ غوثپور ۾ جزوي طور بند رھيو۔۔