دادو ڀرسان ڳوٺ بختيار شاهاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ تان با اثر جوابدارن فريادي ڌر جي نوجوان اختر شاهاڻي کي پڪڙي ڀرون، ۽ مڇون ڪوڙي تذليل ڪئي وئي جڏهن ته نوجوان کان توبهه ۽ گيسيون پڻ ڪرايون ويون جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي.ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ هفتو اڳ بجلي جي پول مان ڪنڊي هڻڻ تان هڪ ئي ڌر جي 7 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو، ڳوٺاڻن موندر ٿاڻي تي پنهنجي برادري جي ماڻهن خلاف ايف آءِ ار داخل ڪرائي هئي. پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ سبب هٿياربندن نوجوان کي پڪڙي انسانيت سوز تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو.موندر واري علائقي ۾ نوجوان تي تشدد ۽ تذليل واري واقعي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي ڇڏيو. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء پھچي وئي پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس طرفان ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.هوڏانهن تذليل جو نشانو بڻايل نوجوان اختر شاهاڻي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي.