گهوٽڪي ويجهو هٿياربندن جي دوڪان تي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، هڪ ڄڻو زخمي

گهوٽڪي ويجهو انور آباد ڀرسان 6 هٿياربندن جي دوڪان تي ويٺل ساوند برادري جي ماڻهون تي فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.جڏهن ته مارجي ويلن ۾ 36 سالا غوث بخش ساوند، 10 ورهين جي نينگري بشران ڌي محمد اسحاق ۽ دوڪاندار علي اصغر ٿيم پٽ انور علي مارجي ويا آهن، جڏهن تي پاڙي واسي امام بخش سومرو زخمي ٿي پيو. زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو.پوليس موجب ساوند برادري جا ماڻهون ڪريانه جي دوڪان تان سامان خريد ڪري رهيا هيا ته 6 هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڏني، واقعو ساوند ۽ سندراڻي برادري ۾ پراڻو تڪرار تان پيش آيو آهي.