ڪرمپور مان اغوا ٿيل نوجوان عبدالرحمان جعفري کي پوليس بازياب نه ڪرايو, وارثن جو روڊ تي 6 ڪلاڪ ڌرڻو, پوليس خلاف نعريبازي, مغوي کي ترت بازياب ڪرائڻ جو مطالبو

ڪرمپور مان اغوا ٿيل نوجوان عبدالرحمان جعفري کي پوليس بازياب نه ڪرايو, وارثن جو روڊ تي 6 ڪلاڪ ڌرڻو, پوليس خلاف نعريبازي, مغوي کي ترت بازياب ڪرائڻ جو مطالبوخبر موجب : ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڏياڻي مگسي لنڪ روڊ تان 27 ڏينهن اڳ مير شير محمد خان بجاراڻي لاڙي وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ ٿنگئي خان جعفري لڳ پيربخش شجراه رهواسي مغوي نوجوان عبدالرحمان جعفري کي حد جي ڪرمپور توڙي ضلعي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي, مغوي جي بازيابي لاء وارثن پاران ماستر محمد صديق جعفري, بالاڇ خان جعفري, علي بخش جعفري, عبدالواحد جعفري, محمد ابراهيم جعفري, غلام قادر جعفري, محمد سليمان جعفري, مغوي جي ڀاءُ عبدالله جعفري, عبدالمجيد جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج واري علائقي ۾ روڊ بلاڪ مير بگن خان بجاراڻي لاڙي وٽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪندي مغوي عبدالرحمان جعفري جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪيو, مظاهرين ڌرڻي دوران دانهيندي چيو ته نوجوان کي اغوا ٿئي لڳ ڀڳ مهينو ٿيو آهي, پوليس مغوي جي بازيابي لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي, مغوي مظاهرين جو چوڻ وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ سنجيدگي نه ٿي ڏيکاري هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيتري تائين پوليس نوجوان کي بازياب نه ڪرائيندي, ڌرڻو ۽ احتجاجي ڪئمپ جاري رهندي, 6 ڪلاڪ انڊس هاء وي روڊ بند ۽ احتجاجي ڪئمپ سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي, روڊ جي ٻنهي طرفن کان مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون, سخت گرمي سبب مسافر پريشان حال بيٺا رهيا, هوڏانهن پي, ايس, او ايس, ايس, پي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ سجاد شاهاڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڪامياب ڳالهيون ڪري, مغوي نوجوان کي ترت بازياب ڪرائڻ جي خاطري بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائي ٽرئفڪ جي رواني کي بحال ڪيو, آخر ياد رهي ته ڌرڻي ۾ علائقي جي جعفري برادري جي ماڻهن, جي, يو, آء جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.