توهين قرآن: معافي گهرڻ تائين افغانستان ۾ سوئيڊن جون سموريون سرگرميون معطل ڪرڻ جو حڪم

طالبان حڪومت سوئيڊن ۾ توهين قرآن جي واقعي خلاف افغانستان ۾ سوئيڊن جون سموريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون.طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد طرفان ان حوالي سان پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهين قرآن ۽ مسلمانن جي عقيدي جي توهين ڪرڻ تي سرڪاري سطح تي معافي گهرڻ تائين سوئيڊن جون افغانستان ۾ سموريون سرگرميون معطل رهنديون.طالبان ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جا سمورا سرڪاري ادارا اهڙي حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن.پڌرائي ۾ طالبان طرفان ٻين مسلمان ملڪن کان به مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي سوئيڊن جي اهڙي ڪڌي حرڪت خلاف پنهنجن لاڳاپن تي نئين سري سان غور ڪن. ان کان اڳ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي يمن جي حوثي اٿارٽي سوئيڊش درآمدات تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو.پرڏيهي ميڊيا موجب يمن جي اتر کي ڪنٽرول ڪندڙ حوثي اثارٽي سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بيحرمتي تي احتجاجن سوئيڊش درآمدات تي پابندي لڳائي هئي.