سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي نااهلي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل(ر) پرويز مشرف جي نااهلي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست ڏيندڙ پرويز مشرف فوت ٿي چڪو آهي. 2013 جي عام چونڊن ۾ پرويز مشرف جي نااهلي کي چئلينج ڪيو هو. هاڻ 2013 جي اسيمبلي جو مدو به ختم ٿي چڪو آهي.جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي نااهلي واري درخواست غير موثر هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.