احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي.احتساب عدالت جي جج قمرالزمان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج قمرالزمان وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، حمزه شهباز کان علاوه جويريه، رابعه عمران سميت سمورن ماڻهن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريفرنس جي جاچ ۾ مني لانڊرنگ جو الزام ثابت نه ٿي سگهيو آهي. جوابدارن تي 7 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جو الزام هو.