18

حيدرآباد: ايس ايس پي فرخ لنجار جي ٻيهر مقرري خلاف وڪيلن جو احتجاج، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ايس ايس پي فرخ رضا لنجار جي ٻيهري مقرري خلاف وڪيل هڪ دفعو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، وڪلا برادري طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري پوليس جي عدالتن ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.رپورٽ موجب ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي ٻيهر مقرري خلاف وڪيل سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. وڪيلنطرفان عدالتن جا دروازا بند ڪري پوليس جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي آهي. وڪلا برادري طرفان عدالتيڪارروائين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت ۾ ايندڙن جي سڃانپ ڪري کان پوءِ کين اندر ڇڏيو پيو وڃيانهي حوالي سان وڪيلن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي هٽائڻ تائين پوليس جي عدالتن ۾ داخلا تي پابندي هوندي،  ايس ايس پي حيدرآباد کي جلد کان جلد هٽايو وڃي. ٻئي صورت ۾ نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو