آرمي چيف پنهنجي گهر جو احتساب ڪري رهيو آهي اسان کي ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي: سينيٽر فيصل واوڊا

سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ بحري معاملن جي چيئرمين ڪميٽي سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 50.60  ارب جي چوري هن حڪومت جي دور ۾ فائنل ٿي، 500 ايڪڙ زمين تي 9 جولاءِ 2024 تي انهي تي صحيحون ڪيون ويون. 500 ارب جي سيٽلمينٽ منجمند ڪئي وڃي. آرمي چيف پنهنجي گهر جو احتساب ڪري رهيو آهي اسان کي ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سينيٽ جي قائمه ڪميٽي بحري معاملن جو اجلاس چيئرمين ڪميٽي فيصل واوڊا جي صدارت هيٺ ٿيو چيئرمين پورٽ قاسم، وقتي چيئرمين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ شريڪ ٿيا. سينيٽر دنيش چيو ته گوادر ۽ ڪراچي پورٽ ۾ مستقل چيئرمين مقرر ڇو ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن وقتي ئي هلائڻا آهن  ته چيئرمين جو عهدو ئي ختم ڪري ڇڏيو. فيصل واوڊا چيو ته سڀني سان عزت جو تعلق آهي، اسان وٽ 3 آپشن آهن، سرينڊر ڪريو، ڪرپشن کي مڃون يا وڙهون. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته 50 ارب جي چوري جو نوٽيس نه وٺان ها ته اوهان 72 ڪلاڪن ۾ ڪينسل نه ڪريو ها.  جيڪڏهن ڪم صحيح هو ته 72 ڪلاڪن ۾ ڪينسل ڇو ڪيو، اسان سڀني گڏجي پاڪستان جا 60 ارب روپيه بچايا. هن چيو ته پورٽ قاسم ري بٽل جاري ڪيا، پورٽ قاسم ريبٽل اخبارن ڇپرايا، اخبارن ۾ ڪهاڻيون لکي قوم کي گمراهه ڪيو ويو، جنهن به اهو ڪم ڪيو انهي ڪميٽي سان دوکيبازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته 50.60 ارب جي چوري هن حڪومت جي دور ۾ فائنل ٿي. 500 ايڪڙ زمين تي 9 جولاءِ 2024 تي انهي تي صحيحون ڪيون ويون، 365 ايڪڙ جي زمين جا پئسا وٺي 500 ايڪڙ زمين ڏني ويندي. 60 ارب جي زمين تي صرف 2 سيڪڙو ايڊوانس وٺنداسين. سيڪريٽري بحري معاملا چيو ته اها انساني غلطي ٿي سگهي ٿي، سينيٽر دنيش چيو ته اوهان ڪميٽي کي ڌوڪو ڏنو، اوهان جي خلاف تحريڪ استحقاق آڻڻ گهرجي.  سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اوهان چئو ٿا ته اوهان جي ٽيم سٺي آهي، اوهان جي ٽيم سٺي نه نالائق آهي. 60 ارب جي چوري کي غلطي نٿو چئي سگهجي، ڪميٽي اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته مون کي وڌيڪ خبر نه آهي، دستاويزن مان خبر پئي. ايڊيشنل سيڪريٽري انهي بورڊ ۾ موجود هو، ايڊيشنل سيڪريٽري کي گهڻو ڪجهه ياد ڏياريندس.