پريالوءِ – فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد، ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ۾ ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين، سونارو ڄامڙو ۽ نظير ڄامڙو، وچ ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ سوناري ڄامڙو ڌر جو انور ڄامڙو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو. علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.