پريالوء ڀرسان ڳوٺ پڪا الرا ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ، روزيدار پريشان

پريالوء ڀرسان ڳوٺ پڪا الرا ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ وڏي مشڪل بڻجي وئي آهي، خاص طور تي افطار ۽ سحري جي وقت گئس جي غير موجودگي روزيدارن لاءِ سخت تڪليف جو سبب بڻجي رهي آهي. مقامي رهواسين موجب، رمضان المبارڪ ۾ جڏهن ماڻهو افطار ۽ سحري جي تياري ڪندا آهن، ان وقت گئس نه هجڻ ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل عملدارن کي شڪايتون ڪري چڪا آهن، پر تاحال ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي. هتان جي رهواسين جو چوڻ هو: “اسان کي روزانو افطار ۽ سحري تي مسئلو ٿيندو آهي، چلهه تي ڪجهه به نه ٿي سگهي ٿو . مهانگائي جي دور ۾ ٻيو متبادل به ناهي، تنهنڪري گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.” ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ته جيئن روزيدارن کي سهولت ملي سگهي.