آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي کي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين جي آڇ لاءِ هڪ خط اماڻيو آهي پر ايراني اختيارن جو چوڻ آهي ته انهن کي اڃآن تائين خط نه مليو آهي، موجوده صورتحال ۾ آمريڪا سان ڳالهيون ممڪن نه آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ٽرمپ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته اسان خميس تي اهو خط اماڻيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران ڳالهين لاءِ راضي ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته فوجي ڪارروائي ئي واحد حل آهي پر اسان سفارتي حل چاهيون ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيستائين آمريڪا جي وڌ کان وڌ دٻاءُ جي پاليسي جاري آهي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايٽمي مسئلي تي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. ياد رهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارت جي دور دوران 2018 ۾ ايران سان عالمي ايٽمي معاهدي تان هٿ کڻي ويو هو جنهن جي بحالي لاءِ جوبائيڊن انتظاميه تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون هيون پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀروسي جي کوٽ ۽ ڳالهين جي رستي ۾ رڪاوٽ رهي.