ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو احتجاجي مظاهرو

ڪنڏ ڪوٽ ڊر ـ ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان ڪنڌ ڪوٽ ۽ پوري ضلعي اندر بدامني ڦورن ڌاڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ريلي گهنٽاگهر کان چوڪ ڪڍي پريس ڪلب پهتا انهي دوران اڳواڻن ظفرسنڌي ـ ڪامريڊ عباس ـ ساجن سبزوئي ـ ڪوڙو سبزوئي ـ عمران سنڌي ـ لياقت علي۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ سميت پوري ضلعي جي اندر بدامني جو راڪاس ڇانيل آهي بي خوف ڏوھاري شهر جي واپارين کي پڻ ڀتي جون چٺيون موڪلي رهيا آهن پر پوليس خاموش بڻيل آهي روزاني شهر مان ڦورون هٿيارن جي زور ته شهرين کان موٽرسائيڪلون ڦر ڪن پيا ٻي طرف چاٻي چورن جو آزار وڌي ويو آهي پر پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهي آهي پوليس امن امان جي صورت حال بھتر ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي ڏوھارين جي رستا روڪ نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري واپارين کي ڌاڙيل ـ بدمعاش ھاڻي به ڀتو نه ڏيڻ تي سرعام شھر ۾ اچي دوڪانن ۽ گھرن تي ھوائي فائرنگ ڪن پيا بدامني سبب ڪافي هندو واپاري شهر ڇڏي ويا آهن سڄي ضلعي ۾ غوثپور تنگواڻي ڪرمپور ڪشمور۽ بڊاڻي جا واپاري لڏ پلاڻ ڪري رهياآهن اسين مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ شهر سميت ضلعي اندر امن امان جي صورت حال کي بھتر بڻايووڃي ۽ ضلعي جي عوام مان پکڙيل بدامني جي بيچيني ختم ڪيو وڄي ٻئي صورت ايس ايس پي آفيس احتجاج ڪيو ويندو