ڪشمور پوليس جي شاندار ڪارروائي: بدنام زمانه ڌاڙيل غفار ڪوش گرفتار، گرفتار ڌاڙيل اغوا، ڦر ۽. ٻين ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو، اي ايس پي محمد عاشر ۽ ايس ايڇ او ضياد علي نوناري جي اڳواڻي ۾ ڪشمور پوليس ڪامياب ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي خطرناڪ ڌاڙيل غفار ڪو ش کي گرفتار ڪري ورتو. هي گرفتاري علائقي ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف وڏي ڪاميابي سمجهي وڃي ٿي.پوليس عملدارن موجب، غفار ڪوش ڪيترن ئي چوري، ڌاڙن، پوليس چوڪي تي حملن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو. سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هو ايس ايڇ او نبي بخش جکراڻي جي شهادت جو مرڪزي جوابدار ۽ ان گينگ جو سرغنو هو، جنهن ڪشمور ۽ ڀرپاسي خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو.اي ايس پي محمد عاشر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن آپريشن جي تياري ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري هئي. پوليس جديد هٿيارن ۽ حڪمت عملي سان علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڪامياب ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ بدنام ڌاڙيل کي بنا ڪنهن جاني نقصان جي گرفتار ڪيو ويو.ايس ايڇ او ضياد علي نوناري جو چوڻ هو ته غفار ڪو ش جي گرفتاري علائقي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار کان جاچ جاري آهي، ۽ ان جي نشاندهي تي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.ڪشمور پوليس واضح ڪيو آهي ته ڏوهاري، ڀلي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، قانون جي گرفت کان بچي نٿو سگهي.