ايس ايس پي حيدرآباد جي بدلي سان اسان جو مطالبو پورو ٿي ويو، سموري سنڌ جي وڪيلن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو: اشعر کوکر

 وڪيلن جي محنت رنگ لاتو، ايس ايس پي حيدرآباد  جي بدلي ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ سموري سنڌ جي وڪيلن جو ٿورو ادا ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اشعر کوکر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ نوجوانن جي مدد سان وڪيلن جي محنت رنگ لاتو آهي، ايس ايس پي حيدرآباد بدلي ٿي ويو هاڻ  حيدرآباد ۾ نئين ايس ايس پي عديل چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر اشعر کوکر چيو ته ايس ايس پي جي بدلي ٿيڻ  جو نوٽيفڪيشن اسان وٽ اچي چڪو آهي، مان سمورن دوستن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو خاص طور تي نوجوان وڪيلن کي جن هن جدوجهد ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ پنهنجي موقف تي ڄمي بيٺا. هن چيو ته نئين  مقرر ٿيل ايس ايس پي عديل چانڊيو مان اميد آهي ته اهو بهتر کان بهتر ڪم ڪندو ۽ حيدرآباد شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. هن چيو ته سموري سنڌ جي  وڪيلن اهو ڪري ڏيکاريو جنهن جي انهن مان اميد هئي. انشاءَالله اڳيان به جيڪو بار ايسوسيئيشن جو فيصلو هوندو اسان انهي سان گڏ آهيون. ان موقعي تي  صدر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن  اياز تنيو چيو ته ايس ايس پي کي هٽائڻ جي لاءِ جونيئر ۽ سينئر وڪيل هڪ پليٽ فارم تي هئا. ايس ايس پي جي بدلي سان اسان جو مطالبو پورو ٿي ويو آهي. اياز تنيو چيو ته  اسان 26هين آئيني ترميم ڇهن ڪئنالن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ سڀاڻي ڪراچي وينداسين، جيڪڏهن اسان لانگ مارچ نه به ڪيو تڏهن به اسان وزيراعليٰ هائوس وڃي  پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين. صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو ته سموري سنڌ جي وڪيلن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جن  هيترن ڏينهن تائين اسان جو ساٿ ڏنو. اها وڪيلن جي وڏي ڪاميابي آهي ته ٻيون ڀيرو ايس ايس پي  بدلي ٿيو آهي. سڀاڻي اسان جو 6 ڪينالن جي خلاف صبح 9 وڳي لانگ مارچ نڪرندو جيڪو ڪراچي تائين ويندو.  هن چيو ته ايس ايس پي سان اسان جي ڪابه ڊشمني نه هئي. هن ٻن ادارن کي پاڻ ۾ وڙهايو آهي.