گرفتاري ڪيئن ٿي؟ ڪٿي کڻي ويا؟ عون بپي سينيٽ اجلاس ۾ ٻڌائي ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي سينيٽر عون عباس بپي کي پروڊڪشن آرڊر تي عمل ڪندي ايوان ۾ پهچايو ويو. جتي هن سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪري ان جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات کان پوءِ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عون عباس بپي چيو ته سڀني کان پهريان سينيٽ چيئرمين جو ٿورائتو آهيان جنهن اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪيو، اوهان اعجاز چوڌري ۽ منهنجي معاملي تي قدم کنيو جنهن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هن ٻڌايو ته 6 مارچ تي مان گهر هئس، صبح ساڍي 8  وڳي 20 ماڻهو گهر آيا، منهنجي آفيس ۽ گهر تي ڇاپو هنيو ويو، مان ستل هئس، مون کي ڪالر مان پڪڙي گهليندا کڻي ويا، مون کان موبائل فون گهريو ويو، منهنجي پٽ کي به پڪڙي آيا، پر بعد ۾ انهي کي ڇڏيو ويو. عون عباس بپي ٻڌايو ته منهنجي منهن تي ڪارو ڪپڙو هو، 2 ڪلاڪن تائين سفر کان پوءِ جج جي سامهون آندو ويو، جج پڇيو اوهان تي ڪهڙو الزام آهي؟ جنهن تي مون پڇيو ته مان آهيان ڪٿي؟ جج ٻڌايو ته اوهان بهاوالپور جي تعلقي بزمان ۾ آهيو، پوءِ جج ٻڌايو ته اوهان جي مٿان 5 هرڻ شڪار ڪرڻ جو الزام آهي. هن چيو ته جڏهن مون کي هڪ ڏينهن جي ريمانڊ تي ٿاڻي تي آندو ويو ته خبر پئي ته هي اهو ٿاڻو آهي جتي فواد چوڌري تي نلڪي جون ٽوٽيون چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي، مون کي پنجاب ۾ مهانگائي جي خلاف مهم هلائڻ تي نشانو بنايو ويو. مان پي ٽي آءِ باني ۽ سمورن گرفتار اڳواڻن سان گڏ آهيان وفا ڪندس، ڪاش اڄ اعجاز چوڌري به هتي گڏ هجي ها. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پروڊڪشن آرڊرز تي انهي لاءِ عمل ڪيو ويو ته جيئن ايوان ۾ واپس آڻي سگهجي. اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي به عمل ڪرايو نه ته منهنجو به آرڊر ملتوي ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ عون عباس پي، اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ تي احتجاج طور تي ايوان کان ٻاهر هليو ويو جتي پوليس کيس پارليامينٽ هائوس مان کڻي واپس رواني ٿي وئي.