“ڪنڌڪوٽ: نوجوان ناري جي پيار جو پرڻو، سادات ۽ سومرا برادري وچ ۾ تڪرار جو نبيرو”

ڪنڌڪوٽ: ٻھ ھفتا اڳ شھر جي سيد برادري جي نوجوان سيد حسن مجبتا شاه سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لا۽ گھران نڪري ويل سومرا برادري جي نوجوان ناري پارس سومرو سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪرڻ۔ کيس ورغلائي ڀڄائي وڃڻ ۽ شھر جي عزت جو احترام نه ڪرڻ جو نبيرو اڄ شھر ڀرسان پ پ ايم پي اي ۽ علائقي جي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي جي سر پئنچي ھيٺ سندس بنگلي تي ڪيو ويو۔ جنھن ۾ سادات برادري جي نوجوان جي وارثن تي مجموعي طور تي ساڍا پنجويھ لک روپيه ڏنڊ وجھي ڌرين کي ڀاڪر پارايو ويو۔ ڏنڊ جي رقم سادات برادري ٽن قسطن ۾ سومرا برادري کي ادا ڪندي۔ ڏنڊ جي رقم مان سادات برادري طرفان جھول جھلڻ تي کين ٽي لک روپيه معاف ڪيا ويا۔ واضع رھي ته ٻھ ھفتا اڳ شھر جي سومرا محلي مان صداقت سومري پنھنجي دوست سيد حسن مجتبا سان ملي ڪري سونھاري سومري جون ٻھ نوجوان ناريون پارس ۽ ناھيد سورو کي گھران ڪڍي پنجاب وٺي ويو۔ جنھن مان ھڪ ناري ناھيد سومرو پنجاب جي ڪورٽ ۾ پنھنجي سئوٽ سان پيار جو پرڻو ڪيو ۽ ٻي ناري پارس سومرو ڪنڌڪوٽ ۾ مدرسي ۾ نڪاح ڪيو۔ جنھن بعد ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پئدا ٿي ويئي ھئي ۽ ھڪ ٻئي مٿان حملا ڪري ڀڃ ڊاھ به ڪئي ويئي۔ بعد ۾ ناري پارس سومرو کي کي علائقي جي باثر سردار جي دٻاء تي وارثن حوالي ڪيو ويو۔ جنھن تڪرار جو نبيرو اڄ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ مير عابد خان سندراڻي ڪري سادات برادري تي ساڍا پنجويھ لک ڏنڊ وجھي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو