ڪراچي: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا دٻجي فوت

ڪراچي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي گلشن معمار افغان بستي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙيون ۽ 2 عورتون فوت ٿي ويون، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوت ٿي ويل ماڻهو گهر ۾ مهمان هئا، جڏهن ته ڇت تي تعميراتي ڪم ه لي رهيو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو اهلڪارن فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه افغان بستي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فوت ٿي ويل ماڻهن جي مغفرت پوئينرن جي لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته رب پاڪ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندان کي صبروجميل جي توفيق عطا فرمائي.