9

پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زرعي پيداوار متاثر، برسات نه پوڻ سان ڏڪار جو خطرو وڌي ويو

پنجاب جي زراعت جو 70 سيڪڙو حصو ڏکڻ پنجاب تي ٻڌل آهي پر پاڻِي جي کوٽ ۽ تبديل ٿيل موسمي حالتن زرعي پيداوار کي سخت متاثر ڪيو آهي. ماحولياتي تبديلين ملتان سميت ڏکڻ پنجاب کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. برساتن سبب 42 سيڪڙو تائين گهٽائي سبب ڏکڻ پنجاب ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي. سيپٽمبر 2024  کان فيبروري 2025 تائين مسلسل خشڪ موسم هارين جي پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته خطي کي وچولي درجي جي ڏڪار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انهي دوران پاڻي جي کوٽ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي. انهي حوالي سان ملڪ نويد احمد نالي هڪ هاري جو چوڻ آهي ته هن ڀيري برساتون نه پئجي رهيون آهن  ۽ نه ئي اسان کي شاخن جو پاڻي ڏنو پيو وڃي. انهي جي ڪري اسان جي ڪڻڪ جي پيداوار تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي جيڪي لکين روپيه اسان لڳايا هئا اهي ختم ٿي ويا مٿان کان ڪڻڪ جي قيمت به گهٽ ڪئي وئي آهي اهو هارين سان سراسر ظلم آهي. هوڏانهن ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ واٽر ڪنزرويشن، جديد  آبپاشي نظام ۽ ري سائيڪلنگ جهڙين پاليسين تي عمل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. پروفيسر آف ايگريڪلچر ڊاڪٽر زاهد چيو آهي ته هارين کي فلڊ ايريگيشن کان هٽي ڊرپ ايريگيشن،سپرنڪلر ايريگيشن ۽ سينيٽرل پائوٽ سسٽم تي عمل ڪرڻو پوندو جيڪو عالمي سطح تي ڪاميابي سان استعمال ٿي رهيا آهن. پاڻي جي فراهمي کي فصل جي ضرورت موجب مينيج ڪرڻ سان ئي انهي بحران جو حل نڪري سگهي ٿي. سخت گرمي ۽ لاڳيتو خشڪ حالي سبب ڪڻڪ جي فصل وقت کان اڳ تيار ٿي رهي آهي. جنهن سان نمايان گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڏکڻ پنجاب ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ لاڳيتو خشڪ موسم زرعي پيداوار کي سنگين خطرن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن فوري طور تي بهتر قدم نه کنيا ويا ته نه صرف هارين پر عام شهرين کي به غذائي کوٽ ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو