10

پاڻي جي مسئلي تي حڪومت جي هڪ طرفي فيصلي تي نٿا بيهي سگهون: شازيه مري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري هميشه پاڪستان کپي جو نعرو لڳائيندو رهيو آهي. شازيه مري اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري جي لاءِ پاڪستان هميشه سڀني کان پهريان آهي هو هميشه پاڪستان کپي جو نعرو لڳائيندو رهيو آهي. پارليامينٽ کي خطاب ۾ صدر آصف زرداري ملڪي مسئلن، فلسطين ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ۽ سموري دنيا مان فلسطين طرفان ڌيان ڇڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. شازيه مري چيو ته صدر آصف زرداري جو ڪوبه سياسي دشمن ناهي، هن سياسي انتقام ناهي ورتو، اسان جي حڪومت نه آهي، اسان صرف اتحادي آهيون پر صدر اڄ به چوي ٿو ته اسان ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪنداسين جنهن سان پاڪستان يا فيڊريشن کي نقصان پهچي. هن چيو ته صدر آهيان فيڊريشن کي نقصان نٿو پهچائي سگهان. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڻي جي مسئلي تي حڪومت جي هڪ طرفي فيصلي سان  گڏ نٿا بيهي سگهون. صدر  پاڻي جي حوالي سان پروپيگنڊا کي ڪالهوڪي تقرير ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ڪجهه ماڻهن کي خبرن جي زينت ۾ رهڻ جو شوق هوندو آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو پروپيگنڊا ڪندا آهن، پاڪستان کي اڄ ٻيهر دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. دهشتگردي جي خلاف اسان جي سيڪيورٽي فورسز وڙهي رهي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو