اربين روپيہ بجيٽ رکڻ واري گمس اسپتال ۾ جگر جا آپريشن ناڪام ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. شجاع آباد جي ڊونر نوجوان ڇوڪري مقدس کانپوء ھڪ ٻيو مريض حسيب فوت ٿي ويو آهي. فوت ٿي ويل مريض جي والد گمس جي ڊاڪٽرن مٿان الزام لڳائيندي چيو آھي تہ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاء جگر ڏنو پر ڊاڪٽرن جي غفلت سبب سندس ڀاء حسيب فوت ٿي ويو. هن چيو ته مان راولپنڊي جو رهواسي آھيان منھنجي پٽ کي جيري جو مسئلو ٿيو گمبٽ گمس جو نالو ٻڌي علاج لاء وياسون ڪوبہ فري علاج نہ مليو ڊاڪٽرن 10 مھينہ ٽيسٽن ء دوائن تي لکين روپيہ خرچ ڪرايو. راولپنڊي جي رهواسي چيو ته جگر جي پيوندڪاري ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب منھنجو پٽ فوت ٿي ويو. آهي، مان حڪومت کان مطالبو ڪريان ٿو ته نااھل ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن اهڙو ٻيو واقعو وري پيش نه اچي سگهي.
