ڪوئٽه کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ 500 مسافرن کي يرغمال بنائڻ کان پوءِ ڪليئرنس آپريشن ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فورسز 155 مسافرن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.رپورٽ موجب اڄ صبح ساڍي 9 وڳي ٽرين ڪوئٽه کان روانه ٿي، جڏهن ٽرين گڊالار ۽ پيرو ڪنري جي علائقي مان گذري ته اتي نامعلوم هٿياربندن ٽرين تي فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو جيڪو بعد زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، ان سان گڏ ڪيترائي مسافر به فوت ٿي چڪا آهن.اکين ڏٺن شاهدن ۽ ليويز ذريعن موجب مچ جي جابلو علائقي ۾ اهو واقعو پيش آيو آهي جتي جعفر ايڪسپريس کي روڪيو ويو، جنهن کان پوءِ فائرنگ جا آواز ڪافي دير تائين ايندا رهيا. جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ ڪوئٽه کان ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ٽرين سروس معطل ڪئي وئي آهي. ريلوي اختيارين موجب اڄ ڪوئٽه کان ڪابه ٽرين ٻئي حڪم اچڻ تائين نه هلندي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪليئرنس آپريشن جي دوران 155 يرغمال مسافرن کي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کان بازياب ڪرائي ورتو جن ۾ مردن سميت 31 عورتون ۽ 15 ٻار به شامل آهن.ريلوي اختيارين موجب بازياب مسافرن ۾ 17 زخمي به شامل هئا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، 80 مسافرن مان 12 مسافر آب گم ۽ 11 مسافر مچ ۾ پنهنجن ويجهن مائٽن وٽ ترسي پيا جڏهن ته 57 مسافرن کي مچ کان ڪوئٽه وين ذريعي پهچايو ويو.سيڪيورٽي ذريعن موجب ٻين مسافرن کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ڪوششن ۾ مصروف آهي، دهشتگردن جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن ۾ آپگهاتي بمبار به موجود آهن. دهشتگردن آپگهاتي بمبارن کي ڪجهه معصوم يرغمالي مسافرن سان گڏ ويهاري ڇڏيو آهي. آپگهاتي بمبار دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪيٽ به پاتل آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد آپگهاتي بمبار معصوم ماڻهن کي ڍال جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. سيڪيورٽي فورسز موجب معصوم يرغمالين وٽ آپگهاتي بمبارن جي موجودگي سبب انتهائي احتياط سان ڪم وٺي رهيا آهيون.
