خيرپور ڀرسان ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀاڻو ۾ زمين جي ڳالهه تان ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب هڪ ڌر جا ظهير احمد ڦلپوٽو، فهيم ڦلپوٽو، پپن ڦلپوٽو، فضل ڦلپوٽو ۽ ٻئي ڌر جو مولابخش ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيا جهيڙي کان پوءِ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت م سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين جو زمين تي پراڻو جهيڙو ڪافي وقت کان هلندڙ هو جنهن تي اڄ اهو واقعو پيش آيو آهي.
