11

آءِ ايم ايف عالمي سرمائيڪاري منصوبن تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف* ايس آءِ ايف سي جي طرفان عالمي سرمائيڪاري منصوبن تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب آءِ ايم ايف اختيارين جي ناڻي واري وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي اختيارين سان ملاقات ٿي جنهن دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس آءِ ايف سي سرمائيڪاري لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ايس آءِ ايف سي جي طرفان عالمي سرمائيڪاري منصوبن تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين چاغي کان گوادر تائين ريلوي ٽريڪ جي منصوبي تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو ڪيو هو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڪوڊڪ کان نڪرندڙ معدنيات جي گوادر تائين ٽرانسپورٽ جي لاءِ ريلوي ٽريڪ جي ضرورت آهي. ريڪوڊڪ مان نڪرندڙ منرلز جي گوادر تائين ٽرانسپورٽ لاءِ بالڪل نئين لائين تعمير ڪئي ويندي. ذريعن موجب چاغي، گوادر ريل منصوبي تي ناڻي واري وزارت، ريلوي واري وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي فزيبلٽي اسٽڊي جا سرمائيڪار ملڪ انهي منصوبي ۾ سرمائيڪاري تي سرڪاري گارنٽي گهري رهيا آهن پر قرض پروگرام ۾ رهندي پاڪستان جي حڪومت  هر سرمائيڪاري تي رياستي گارنٽي نٿي ڏئي سگهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ايس آءِ ايف سي اختيارين آءِ ايم ايف وفد کي سرمائيڪاري، گورننس، اسٽرڪچر تي به بريفنگ ڏني.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو