سرڪاري خبرن جي اداري اي پي پي (Associated Press of Pakistan) جي رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ ساليانو 5 لک ٽن کان وڌيڪ کجور پيدا ٿئي ٿي ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هاڻي دنيا ۾ کجور پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي، جتي کجور جي پوک جو ڪُل علائقو 82 هزار هيڪٽر آهي.
🍂 صوباوار پيداوار:
سنڌ سڀ کان اڳيان آهي، جتي ساليانو 2 لک 52 هزار 300 ٽن کجور پيدا ٿئي ٿي.
بلوچستان ٻئي نمبر تي آهي، جتي 1 لک 92 هزار 800 ٽن پيداوار ٿئي ٿي.
پنجاب ۾ 42,600 ٽن ۽
خيبرپختونخوا ۾ 8,900 ٽن کجور پيدا ٿئي ٿي.
🌴 کجور جي قسمن جي گهڻائي:
ماهرن موجب، پاڪستان ۾ 150 کان وڌيڪ قسمن جون کجورون موجود آهن، صرف مڪران ڊويزن ۾ ئي 130 کان وڌيڪ ورائيٽيز موجود آهن.
📦 مسئلو: برآمدات گهٽ!
رپورٽ موجب، باوجود وڏي پيداوار جي، پاڪستان جي کجور جي ايڪسپورٽ تمام گهٽ آهي. في الحال، پاڪستان صرف 23 ملڪن ڏانهن کجور برآمد ڪري رهيو آهي، جن ۾:
ڀارت (سب کان وڏو خريدار)
آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا، جرمني، ۽ نيپال شامل آهن.
💰 موقعو: معاشي استحڪام لاءِ اهم موقعو
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کجور جي برآمدات وڌائي، ته نه صرف نيون عالمي مارڪيٽون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، پر ملڪ لاءِ قيميتي زرمبادله به حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو معاشي استحڪام ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.
