ڪراچي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪالهه به برسات جو سلسلو جاري رهيو. مختلف علائقن ۾ وڄ ڪرڻ ۽ گهر ڊهڻ جي ڪري هڪ ڄڻو فوت ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڪيترن ئي شهرن ۾ بند ٿيل بجلي بحال ئي نه ٿي هئي ته وري برسات جي ڪري بجلي بحالي جون اميدون ختم ٿي ويون. حيسڪو جا 662 مان 230 فيڊر ٽرپ ٿي ويا . مليل اطلاعن موجب سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن به برسات جا وسڪارا طوفاني ھوائن سبب سائن بورڊ ٿنڀا ۽ تارون ڪري پيون شھر جا اڪثر علائقا برساتي پاڻي ھيٺ اچي برسات سبب حيسڪو جي سروس ناڪاره ٿي وئي، حيسڪو ريجن جي ڪل 662 فيڊرن مان 230 عدد 11 ڪي وي فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن ۾ حيدرآباد شھر جا 11 ڪي وي جا 133 فيڊرن تي بجلي بند رھي جنهن ڪري شھر جا اڪثر علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا آھن. ڪوٽڙي شهر، سائيٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪالھ بہ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، رات جو دير سان برسات جي زوردار وسڪاري دوران ڪوٽڙي شهر ۾ نوراني مسجد واري علائقي ۾ هڪ شهري عبدالجبار خاصخيليءَ جي گهر جي ڇت تي وِڄ ڪري، جنهنڪري گهر جي هڪ ڀِت ڪري پئي، جڏهن گهر ڀاتي معجزاڻي طور تي محفوظ رهيا ۽ ڪوبہ جاني نقصان نہ ٿيو. بدين ضلع جي شھرن ڪڍڻ سيراڻي ٻھڊمي احمد راڄو گولاڙچي ڪڙيو گھنور شادي لارج کوسڪي نندو ٽنڍو باگو پنگريو ملڪاڻي ڏئي شھر تلھار پيرو لاشاري سميت ساحلي پٽي جي ڳوٺن شيخ ڪرھيو ڀانڊاري حاجي حجام گولو منڌرو حاجي ملاح سومار ملاح سميت سوين ڳوٺن ۾ تيز ھوائن سان گڏ برسات جاري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو ڪيترائي ڳوٺ رستا نه ھجڻ سبب رابطي کان ڪٽيل آهي، بيٺل فصل ٽماٽو مرچ فٽي ڪمند ۽ سارين کي وڏو نقصان رسيو آهي. تيز هوا ۽ برسات سبب ڪچا ڇپرا توڙي منَهه ڊهي پيا سجاول ۾ گذريل پورو ڏينھن سخت گرمي بعد شام جو طوفاني ھوا سان گڏ زوردار وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. طوفاني ھوا سان زوردار وسڪاري ھڪ طرف گرمي جي ستايل شھرين ۽ زرعي زمينن ۾ سارياليو فصل پوکي پاڻي لاء پريشان آبادگارن جي منھن تي مرڪون آڻي ڇڏيون، تہ ٻئي پاسي ڪيترن ئي ڪچن گھرن جون ڇتون اڏامي وڃڻ ۽ ھيٺين علائقن ۾ پاڻي بيھيجي وڃڻ سبب شھرين کي سخت پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ٺٽو، مڪلي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز گجگوڙ ۽ تيز ھوا سان گڏ چوماسي جي برسات جي وسڪاري سبب ڪيترن ئي علائقن جي ھيٺائين واتن ھنڌن تي پاڻي بيھي ويو، جڏھن ته وسڪاري سبب 7 ڪلاڪن کان وڌيڪ تائين بجلي بند رھي جنهن ڪري شھرن ۾ ڪاروباري مرڪزن جو ڪاروبار سخت متاثر رھيو . تيز هوا ۽ وسڪاري سبب ڪيترن ئي گھرن جون ڇتون ۽ پانن توڙي مرغي فارمن جا ڇاپرا پڻ اڏامي ويا گھارو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيزھوا سان گڏ زوردار برسات پئي ، جنھن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ، شھر جي بجلي جو سسٽم درهم برهم ٿي ويو گهاري ۾ تيز برسات جي پاڻي کي شهر ڏي وڌڻ کان روڪڻ لاء قومي شاهراھ تي پاڻي نيڪال لاء ٺهيل پُلن جي نيڪال وارا بند رستا هنگامي بنيادن تي کولرايا ويا. راڄوخاناڻي شهر ۽ آس پاس ۾ ٽئين ڏينهن به تيز طوفان ۽ ھوا سان گڏ تيز برسات جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رھيو جنهن سبب ٻھراڙيءَ جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. جاتي ۾ ٻي ڏينهن به تيز برسات وسڪارو ٿيڻ سبب جاتي شهر جي وارڊ نمبر 4 ۽ 3 سميت آسپاس جي ڳوٺن جي هيٺين علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهي ويو،جڏهن برسات سبب موبائيل نيٽورڪ توڙي بجلي معطل ٿي وئي، ڪڙيوگهنور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ به تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو ، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، بجليء غائب ، هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو نوري آباد ويجھو ڳوٺ قيصر جاکرو ۾ برسات جي پاڻي جي کڏ ۾ 10 ورھين جو ٻارڙو بلاول ولد فقير محمد جاکرو ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻالڪ جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي. ھالا، ھالا پراڻا، ڀاڻوٺ، خانوٺ، ڪرم خان نظاماڻي، کنڊو شھر،ٻ اروچو باغ سميت ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري رھيو، برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو انٽرنيٽ به بند رهيو. ڪيٽي بندر ڳاڙھو ۽ ساحلي پٽيءَ ۾ برسات پوڻ ڪري ڳوٺن جا ڪچا رستا آمدورفت جي لاءِ بند ٿي ويا. جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو آهي ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو. برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. سيوهڻ شھر ۽ ان جي آس پاس جي علائقن آراضي, ڪرمپور, جهانگارا, باجارا, بوبڪ ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به تيز طوفان سان گڏ زبردست برسات جو وسڪارو ٿيو آهي جنهن بعد سيوھڻ شھر چا هيٺاهين وارا علائقن ۽ روڊن رستن تي پاڻي نئين جو ڏيک ڏيڻ لڳو ٻئي طرف برسات سبب شھر جو مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ بجلي غائب ٿي وئي آهي پنگريو ۽ ڀرپاسي تيز ھوا گجگوڙ۽ کنوڻ سان تيز برسات پئي جنھن سان گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏھن ته پنگريو آسپاس جي علائقن ۾ پاڻي کوٽ سبب سارين ڪمند جي فصلن کي برسات سبب زبردست فائدوٿيو آهي ۽ پاڻي کوٽ ختم ٿيڻ جي ڪري آبادگارن ۾ سرھائي پيدا ٿي آه ٻي پاسي برسات کانپوء بجلي بند ٿي وئي گلاب لغاري جي علائقن اگهم ڪوٽ ماڻڪ لغاري ڪالرو موري سينڊي اسٽاپ بچل ماڇي غلام محمد زئونر ڪراچي هوٽل سميت مختلف علائقن ۾ چوماسي برساتن جو وقفي وفي سان زوردار وسڪارو هيٺاهين وارن هنڌن تي پاڻي بهجي ويو جڏهن ته بجلي غائب ٿيڻ سان گڏ مواصلاتي نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو ڊگھڙي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، شهر جي مک روڊن ۽ بازارن ۾ پاڻي بيهجي ويو، مختلف ڪالونين جي گهٽين ۾ پاڻي بيهڻ ڪري گٽر اٿلي پيا. وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي جي ڪري ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ هو جڏهن ته آبادگار ۽ هاري پڻ ويڳاڻا نظر آيا آبادگارن سيد غلام مرتضي شاھ،علي محمد موسيپوٽو،خيرمحمد چانڊيو ۽ ٻين موجب تيز برساتن جي صورت ۾ ڪپھ،مرچ،ڪمند ۽ ٻين فصلن سان گڏ بصر ۽ ٽماٽي کي سخت نقصان رسڻ جو خدشو آهي. اڏيرولال اسٽيشن، اڏيرو لال وليج، ڏھ دري موري، بائو خان پٺاڻ، فاضلاڻي موري ۾ برسات کان پوء گرمي جو زور ٽٽي ويو، بجلي بدستور بند رهي. بدين ضلعي جي ڏاکڻي سامونڊي واري شهر سيراڻي،ڀڳڙاميمڻ،دودو سومرو،احمد راڄو-گرهيڙي-شيخ ڪرهيو ڀانڍاري-لاکو پير-شيخاڻي گهاڙي-ولاسو-پير فتح شاھ ۾ گجگوڙ ۽ تيز طوفاني هوا سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو ، هيٺيائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. تيز هوا سبب وڻ ٽڻ ۽ گهرن جي ڇت تي پيل سولر پينل سميت سائن بورڊ ڪري پٽ پئجي ويا وسڪارن سبب ٽماٽن جي فصل ۾ پاڻي بيهڻ ڪري سڙي سڪي ويا. ڪنري جي مختلف علائقن ۾ ٽئين ڏينھن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڪنري ڀرسان برسات دوران ڀت ڪرڻ سبب 15 سالن جو فرحان علي ولد نثار چانڊيو زخمي ٿي پيو، سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ڦلھڏيون، ھنڱورنو، گرھوڙ شريف ۾ برسات جو وسڪارو ٿيوسڪرنڊ شهر ۽ ڀرپاسي ماڙي جلباڻي، محرابپور، صابو راهو ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. هيٺانيهن وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. جڏهن ته بجلي جو نظام پڻ درهم برهم آهي، جڏهن ته برسات پوڻ ڪري ڪپهه جو فصل سخت متاثر ٿيو آهي. قاضي احمد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻئي ڏھاڙي به وقفي وقفي سان تيز طوفاني برسات پئي، جنهن سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، وونئڻن جي فصل ۾ پاڻي بيھڻ سبب آبادگارن نقصان پهچڻ جو انديشو ظاهر ڪيو آھي، ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات کانپوء شھر جا روڊ رستا ۽ هيٺاهين وارا علائقا ڳوٺ بنگلا روڊ، الهيار ڳوٺ، خير محمد مري، سبزي منڊي، رشيد ڪالوني، ڀٽائي نگر، ٽنڊوالهيار روڊ، سڪندر آباد، گلزار ڪالوني ۽ ڳوٺ خير محمد مري جو قبرستان پاڻي هيٺ اچي ويا، محرابپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻ رت جي برسات جو زوردار وسڪارو پيو، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، برسات شروع ٿيڻ کان اڳ ئي بجلي بند ڪئي وئي، وقفي وقفي سان تيز برسات سبب هيٺائين وارن علائقن پاڻي بيهجي ويو، ۽ فصلن کي پڻ نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. سرھاري ۽ آسپاس وارن علائقن تيز طوفاني ھوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات سبب ڪمند، ڪيلي ۽ وونئڻن جا تيار فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا، مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو، گپچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ ٽئين ڏينھن به برسات جو وسڪارو ٿيو آھي، کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۽ اڇڙي ٿر ۾ برسات جو وسڪارو چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، برسات سبب فصل کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته هٿونگو ۽ کپرو ۾ روڊ ن تي پاڻي بيهي رهيو آهي، جنهن سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو
ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جا راڱا، عام زندگي مفلوج، مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات سبب دڪانن ۽ گھرن جون لوهي ڇتيون اڏامي ويون، وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد انگ وڌي 19 ٿي ويو، ان ڏس ۾ نيو سبزي واري علائقي ۾ نامعلوم پيرسن کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، هوڏانهن ريسڪيو ذريعن موجب خميسو ڳوٺ وٽ ندي ۾ هڪ شخص ٻڏي فوت ٿي ويو، سڃاڻپ نه ٿي سگهي. اهڙي طرح لياقت آباد سي ون ايريا وٽ ندي ۾ هڪ نينگر ٻڏي ويو، سندس ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ريسڪيو ذريعن موجب اتحاد ٽائون ۾ گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ هڪ نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي. گلشن معمار ۾ پاڻي جي کڏي مان هڪ نينگر جو لاش مليو. رڻڇوڙ لائين ۾ عمارت جو هڪ حصو ڪرڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو سعودي قونصل خاني وٽ موٽر سائيڪل سوار نوجوان ياسر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سببب فوت ٿي ويو، 2 ڏينهن اڳ گلستان جوهر ۾ ديوار ڪرڻ سبب زخمي ٿيل ٻارڙي سميرا اسپتال ۾ دم ڏنو، هوڏانهن ملير۾ قدرتي لنگهه بادل نالي ۾ چاڙهه سبب سومار ڳوٺ، گلشن فلڪ ناز ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڻهن کي گهرن مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو، 5 کان 7 فوٽ پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترن ئي گهرن جون ديوارون ڊهي ويون، تيز برساتي وهڪري سبب نالي مان 15 ورهين جي نامعلوم نينگر جو لاش هٿ آيو، ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان قريشي جون پنج ٻڪريون ڀت ڪرڻ سبب دٻجي ويون، جڏهن ته صحافي اعظم زهراڻي جي سومار ڳوٺ ۾ قائم ڊيري فارم مان 17 مينهون نالي ۾ لڙهي ويون، ٻئي طرف ناليواري راڳي استاد واحد لاشاري جي گهر ۾ 7 فوٽ پاڻي بيهڻ ڪري الهه تلهه ختم ٿي ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن گلستان جوهر، اختر ڪالوني، شاهراھ فيصل، صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، کارا در، ميٺا در، لياري، کوکرا پار، ملير، قاعد آباد، نيشنل اسٽيڊيم، لياقت آباد، بهادرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان زوردار برسات ٿيندي رهي. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ طوفاني برسات ٿيڻ سبب گھرن ۽ دڪانن اڳيان بيٺل لوهي گِرلون ۽ ڇتيون به اڏامي ويون، جنهن ڪري شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو، ٻئي طرف موسميات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ شهري ٻوڏ اچي سگھي ٿي. جائزي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪراچي شهر جي مختلف رستن تان برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ٽاور، شاهراھه فيصل، ايف ٽي سي، شاهين ڪامپليڪس، قيوم آباد موڙ، بولٽن مارڪيٽ، سنڌ مدرسا يونيورسٽي روڊ سميت ٻين مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل هو، ساڳئي ريت برساتي پاڻي سبب روڊن تي بند ٿيل گاڏيون به مختلف هنڌن تي اڃا تائين بيٺل هيون هوڏانهن ڪمشنر ڪراچي پاران پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت اختيارين حوالي ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪلفٽن انڊر پاس، شاهين ڪمپليڪس، آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهراھ فيصل عام ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي کوليا ويا آهن. جڏهن ته ڪورنگي ڪازوي، اي بي ايم ڪاز وي ڊرگ روڊ انڊر پاس ۽ ناظم آباد انڊر پاس اڃا تائين عام ٽريفڪ لاءِ بند آهن. ڪمشنر جو چوڻ هو ته نيپا چورنگي وٽ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري شهري اوڏانهن وڃڻ کان پرهيز ڪن. ڪمشنر جو چوڻ آهي ته شهر ۾ پاڻي نيڪال لاءِ 250 واٽر پمپ فراهم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ملير جي مختلف علائقن گلشن حديد , گڏاپ, بحريا ٽائون, ڪاٺوڙ, ملير, قائدآباد , ڀينس ڪالوني, شاھ لطيف ٽائون, ميمڻ ڳوٺ ,گگهر سميت مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به طوفاني برسات وسڻ ڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو جڏھن ته بجلي بند هئڻ ڪري ڪيترائي علائقا اونداهه ۾ ٻڏل رهيا
