ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن جي برسات بجلي جو نظام اونڌو ڪري ڇڏيو، شهر جا ڪيترائي علائقا اڃان تائين بجلي کان محروم

ڪراچي: ڪراچي ۾ اڱاري جي ڏينهن پيل برسات کان پوءِ ڪيترائي علائقا اڃان تائين بجلي کان محروم آهن. ڪراچي جي علائقي صدر ۾ رتن تلاءُ، اردو بازار ۽ قرب جوار جي علائقي ۾ اڱاري کان بجلي بند آهي،منير عالمگير سوسائٽي، ڪشمير ڪالوني سيڪٽر بي، جيل روڊ، جشيد روڊ، المسلم هائوسنگ سوسائٽي، اسڪيم 38، گلستان جوهر بلاڪ 8، جوهر بلاڪ 2، بلاڪ 3 اي، نارٿ ناظم آباد بلاڪ جي، ايف، عمر ڪالوني، درويش ڪالوني، پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ سيون، مرچنٽ نيوي سوسائٽي اسڪيم 33، سيڪٽر 16 اي، لياقت آباد سي ون ايريا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند آهي،گلستان جوهر بلاڪ 8 ۾ به 2 ڏينهن کان بجلي معطل آهي جنهن سبب اتان جا رهواسي پاڻي جي کوٽ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته صبح 5 وڳي ڪجهه منٽن جي لاءِ بجلي بحال ٿي پر پوءِ بند ٿي وئي، ڪيترائي ڀيرا شڪايتن جي باوجود فالٽ صحيح نه پيو ڪيو وڃي،ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو مونس علوي دعويٰ ڪئي آهي ته اربع جي شام 6 وڳي تائين شهر جي 94 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن جي بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وئي هئي. مونس علوي موجب شهر جي تقريبن 150 فيڊرز تي بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي، برسات جي ڪري ڪي اليڪٽرڪ فيلڊ اسٽاف کي اچ وڃ ۾ سخت پريشانين کي منهن پئجي رهيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو