حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، بجلي جي بندش سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو نظام متاثر، ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ

حيدرآباد: ،حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،اربع تي حيدرآباد شهر ۾ برسات لطيف آباد، قاسم آباد سميت هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي روڊن تي جمع ٿي ويو، بجلي جي بندش سبب پاڻي جي نيڪال وارو نظام سخت متاثر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي روڊ اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن،حيسڪو ريجن جا 300 کان وڌيڪ فيڊر بند ٿيڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پمپنگ اسٽيشنن جي به بجلي بند آهي جنهن ڪري روڊن تي پاڻي بيهڻ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو موجب واٽر ڪارپوريشن جي 129 پمپنگ اسٽيشنن اسٽيشنن مان ڪنهن تي به بجلي دستياب نه آهي، بجلي نه هجڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ جو نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي،حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽنڊومحمدخان، کان بلڙي شاهه ڪريم ٽرانسميشن لائن جي وچ ۾ 2 ٽاور ڪري پيا، ٽاورز لڳائڻ کان پوءِ گرڊ اسٽيشن ۾ بجلي فراهم ڪئي ويندي،ٻئي طرف دادو ۽ سيوهڻ جي جابلو علائقن ۾ طوفاني برسات کان پوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي، ٿرپارڪر جي تعلقه اسپتال ڏيپلو جي سمورن وارڊز جون ڇتيون برسات سبب ٽمڻ لڳيون، جنهن جي نتيجي ۾ طبي اوزار ۽ پکا خراب ٿي ويا. انهي کان علاوه ڄامشورو، ڪوٽڙي، پڊعيدن، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ جهمپير ۾ به برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

پنھنجي راءِ لکو