مستحق عورتن کي بغير وياج قرض فراهم ڪندڙ اداري سرسو پاران گڊو بيئراج وٽ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ ميوو خان سومرو ۾ جشن آزادي جي حوالي سان هڪ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي, تقريب جي صدارت سرسو ڪشمور ضلعي جي ضلعي پراجيڪٽ آفيسر علي مراد ميراڻي ڪئي، جڏهن ته پريس ڪلب گڊو جي صدر ۽ سينيئر صحافي شفقت ڀيو مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سرسو ڪنڌڪوٽ برانچ مينيجر عبداللطيف چاچڙ، ڊسٽرڪٽ ايڊمن آفيسر عدنان سولنگي، حسن علي دشتي، عبدالحڪيم چاچڙ ۽ عاشق سومرو سميت ڳوٺ جا چڱا مڙس اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا، جڏهن ته ڳوٺ جون عورتون پڻ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون, پروگرام جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو. ڳوٺ جي ٻارڙي فضل الدين سومرو قومي ترانو پيش ڪيو، جنهن بعد جشن آزادي جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب دوران وڻڪاري مهم هلائي ڳوٺ ۾ وڻ پوکيا ويا ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن کي وڻن جا ٻوٽا پڻ ورهايا ويا, مهمانن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي وڏن جي بي پناھ قربانين سان حاصل ٿيو آهي، آزادي جو قدر اهي قومون ئي ڄاڻي سگهن ٿيون جيڪي اڄ به غلامي ۾ آهن، اسان خوش نصيب آهيون جو هڪ آزاد وطن ۾ رهون ٿا ۽ پاڪ فوج جهڙي مضبوط قوت جي هٿن ۾ محفوظ آهيون، پاڪ فوج ملڪ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي, ان موقعي تي سرسو ڪشمور ضلعي جي ضلعي پراجيڪٽ آفيسر علي مراد ميراڻي صحافين کي ٻڌايو ته سرسو جي پليٽ فارم تان ضلعي جي مستحق عورتن کي 50 هزار رپين تائين بغير وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن، قرض هڪ سال جي اندر واپس ڪرڻا هوندا آهن، هن چيو ته هي قرض عورتن کي پنهنجو ننڍو ڪاروبار ڪرڻ، چوپايو مال پالڻ، يا زراعت لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو, هن وڌيڪ چيو ته سرسو هن سڄي آگسٽ مهيني دوران مستحق عورتن سان گڏجي جشن آزادي جون خوشيون ملهائي رهي آهي. ان کان اڳ ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي تعلقن ۾ به جشن آزادي جي حوالي سان عورتن کي آزاديءَ جو مقصد سمجهايو ويو، جڏهن ته هاڻي تعلقي ڪشمور جي مختلف علائقن ۾ به آزاديءَ جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ عورتن کي آزاديءَ جي اهميت کان آگاھ ڪيو پيو وڃي..
