سنڌودرياهه ۾ پاڻي چاڙهه جو سلسلو جاري

ڪشمور: درياءِ سنڌ گڊو بيراج ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو سلسلو جاري آهي گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جڏھن ته ويجھن ڳوٺ پڻ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن

ڪنٽرول روم جي تازه انگن اکرن موجب، گڊو بئراج وٽ درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 439126 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل 24 ڪلاڪن دوران 42799 ڪيوسڪ وڌيڪ وڌي وئي آهي۔ پاڻي جي وهڪري ۾ هي تيز اضافو هيٺئين علائقن لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهيو آهي، جتي اڳ ۾ ئي دريائي پاڻي جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن۔ضلعي انتظاميا طرفان ايمرجنسي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ بئراج تي عملدارن کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڻي جي سطح تي هر وقت نظر رکن۔ ماهرن موجب، جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ درياءَ ۾ وڌيڪ وهڪرو وڌيو ته هيٺئين علائقن ۾ پاڻي نيڪال جو وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو۔ انتظاميا پاران رهواسين کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته هو دريائي ڪنارن کان پري رهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور لاڳاپيل کاتن سان رابطو ڪن جڏھن ڪشمور جي ڪچي وارنويجهن ڳوٺ پڻ پاڻي جي لپيٽ اچي جنهن فصلن کي ڪافي نقصان پھتو آهي جنهن ۾ ساريون منگ ڪمند جا فصل شامل آهن

پنھنجي راءِ لکو