لاهور (نمائندو) – دهشتگردي جي انت واري عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شير شاهه کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي جج منظفر علي گل ڪئي، جنهن دوران پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد پوليس جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته جناح هائوس حملي ڪيس لاهور جي ٿاڻي سروس روڊ ۾ داخل آهي، جنهن ۾ جوابدار شير شاهه کي گرفتار ڪري اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
