ڪوٽ رادها ڪشن: 30 روپين جي تڪرار تان ڀائرن جو قتل ڪندڙ جوابدار ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا

ڪوٽ رادها ڪشن ۾ 30 روپين جي تڪرار تان ٻن ڀائرن جي قتل جو ڪيس نئون موڙ اختيار ڪري ويو. پوليس جي حراست ۾ موجود ٻن جوابدارن اويس ۽ شهزاد کي ساٿين ئي جي فائرنگ دوران حياتي وڃائڻي پئي. سي ٽي ڊي ذريعن مطابق، پوليس ٽيم جوابدارن کي نشاندهي لاءِ رائيونڊ وٺي وئي هئي، جتي اوچتو سندن ساٿي توقير هٿياربندن سان گڏ موقعي تي پهچي ويو ۽ ساٿين کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ پوليس تي فائرنگ ڪري ڇڏي. فائرنگ جي نتيجي ۾ اويس ۽ شهزاد موقعه تي مارجي ويا، جڏهن ته توقير ٻين ساٿين سان گڏ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ موضع رتي پنڊي ۾ هڪ معمولي جهيڙي تان اهو خونريز واقعو پيش آيو هو. 22 ورهين جو واجد ۽ 25 ورهين جو راشد فروٽ وڪرو ڪندڙ سان رڳو 30 روپين تي جهيڙي ۾ ملوث ٿي پيا هئا. جهيڙي دوران اويس، تيمور ۽ سندن ساٿين ٻنهي ڀائرن کي ڏنڊن سان وحشيانه تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ واجد موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ راشد اسپتال ۾ دم ڏنو.هاڻي، جن ماڻهن کي قاتل قرار ڏنو ويو هو، اهي ئي پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، ۽ علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ جي فضا وڌيڪ وڌي وئي آهي.


پنھنجي راءِ لکو