نئون ڳوٺ (رپورٽ) – ڳوٺ صالح ۾ زمين جي تڪرار تان ساھڙ ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو رتوڇاڻ ۾ بدلجي ويو. ڌرين ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 20 ورهين جو نوجوان عبدالمجيد بروهي ۽ 45 ورهين جو غلام مصطفيٰ بروهي قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي. مقتولن جي وارثن جو الزام آهي ته منظور، علي حيدر ساھڙ، طارق، نويد ۽ ٻين هٿياربند ساٿين سان گڏجي انهن جي گهرن تي حملو ڪيو ۽ بي دريغي سان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻن ڄڻن جي حياتي جو ڏيئو وسامي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس لاش اسپتال منتقل ڪرايا، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ خوف جو ماحول اڃا تائين برقرار آهي. واقعي بعد ڳوٺ ۾ تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
