پريالوءِ (رپورٽر) ـ پريالوءِ ۾ قومي سوچ اخبار ۽ قومي سوچ ويب نيوز چينل جي هيڊ آفيس جو افتتاحي پروگرام وڏي شان ۽ شوق سان منعقد ٿيو۔ تقريب جا خاص مهمان اڳوڻو ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاه۔اف شهر جون معزز ۽ اهم شخصيتون وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيون۔ شرڪت ڪندڙن ۾ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ سکر ڊويزن جي اڳوڻي هاري ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري غلام شبير نوهاڻي، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ سيد جمن شاه، قربان علي شاه، استاد سجاد ميراڻي، سيد اشفاق شاه، امان الله اوڍو، ٽي او ايجوڪيشن محمد فاروق سومرو، عطاءُ الله ڪنڌر، عبدالڪريم ميمڻ، محمد علي لوهر ۽ علي احمد اوڍو سميت ڪيترائي معزز شهري شامل هئا۔ان موقعي تي قومي سوچ جي ٽيم ۽ سي اي او عمران علي اوڍو، خاص مهمان پير سيد بچل شاه جو سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪ ۽ گلن سان ڀليڪار ڪيو، جڏهن ته غلام شبير نوهاڻي کيس بوسڪي جو پٽڪو پهرائي اعزاز بخشيو۔ شهر جي ٻين معزز مهمانن کي قومي سوچ نيوز چينل جي ڊائريڪٽر عبدالوحيد ميمڻ، پريس ڪلب پريالوءِ جي صدر محمد انور ناريجو ۽ قومي سوچ اخبار جي ايڊيٽر محمد عمر ڀٽو گلن جي هارن سان آڌرڀاءُ ڪيو۔خطاب ڪندي قومي سوچ جي سي اي او عمران علي اوڍو چيو ته قومي سوچ ادارو انشاءَ ﷲ سڄي سنڌ جو آواز بڻبو، ۽ پريالوءِ جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري ايوانن تائين پهچائيندو۔اختتامي خطاب ۾ پير سيد محمد بچل شاه چيو ته پريالوءِ جي عوام لاءِ سندس دروازا سدائين کليل آهن، جڏهن ته قومي سوچ جي ٽيم کي نئين اداري جي قيام تي مبارڪباد پيش ڪئي۔
