ڪنڌڪوٽ: ڪارنھن تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ قتل،

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ڪنڌڪوٽ لڳ ڪارنھن تڪرار تان جهيڙي ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيوڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوهـي پل ويجهو ڳوٺ نورحسن بنگوار ۾ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جهيڙو ٿيو۔ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مٺل سبزوئي سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا۔اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو، پر اسپتال ۾ علاج جي سهولت نه هئڻ ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو۔ ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو۔مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي پڻ ڪئي۔