نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو الرٽ: پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ جو امڪان

نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پهرين سيپٽمبر کان 3 سيپٽمبر تائين تيز برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ٻوڏ صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن۔اين ڊي ايم اي جي ايڪس اڪائونٽ تي جاري بيان موجب:اسلام آباد، مري، راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، منڊي بهاءُالدين، گجرات، گوجرانواله ۽ حافظ آباد ۾ برساتن سبب ٻوڏ جو خطرو آهي۔چنيوٽ، لاهور، سيالڪوٽ، نارووال، شيخوپوره، فيصل آباد، سرگودها، بهکر، ليه ۽ ميانوالي ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿيڊيره غازي خان، ساهيوال، ملتان، بهاوالنگر، بهاوالپور ۽ رحيم يار خان ۾ به تيز برسات ۽ ٻوڏ جي امڪان جو اظهار ڪيو ويو آهي۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مٿانهين علائقن ۾ تيز برسات ۽ دريائن ۾ اوچتو وهڪرن سبب مراله هيڊ ورڪس تي وهڪرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي۔اين ڊي ايم اي عوام کي هدايت ڪئي آهي ته:ندي نالن جي ڀرسان رهندڙ ماڻهو الرٽ رهن۔غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو⁠تہ ندي نالن ۾ اوچتو وهڪرن جو امڪان آهي۔لاڳاپيل ادارا ۽ رهواسي حفاظتي قدم کڻن ۽ خطري وارن علائقن کان پري رهن۔