اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ملڪ لاءِ انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن ان بابت ڪنهن کي خدشا آهن ته ڳالهين ذريعي انهن کي ختم ڪيو وڃي. خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد ۾ پارٽي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊيم نه ٺهڻ سبب برساتن ۽ ٻوڏن دوران وڏي تباهي ٿي آهي. اسان ڪجهه ڊيمن جا نالا کڻڻ کان به ڊڄون ٿا، پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ان بابت کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. علي امين گنڊاپور چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت ڪالاباغ ڊيم لاءِ پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ٻين صوبن کي به ان منصوبي ۾ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن تعمير ممڪن ٿي سگهي. وڏي وزير چيو ته اسان ڊيم ٺاهڻ ۾ دير ڪئي جنهن سبب وڏا نقصان ٿيا، پر هاڻ صوبائي حڪومت پنهنجي وسيلن سان ڊيم ٺاهي رهي آهي. گذريل سال 6 ڊيم مڪمل ڪيا ويا، گومل زام ڊيم به مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن سان نقصان گهٽ ٿيا. هاڻ مختلف ضلعن ۾ نوان ڊيم ٺهڻ پيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ مسئلا گهٽ ٿين. هن ٻڌايو ته پشاور جي بچاءَ لاءِ جبه ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، جڏهن ته بڊهني ۾ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ حفاظتي ديوار پڻ ٺاهي پئي وڃي. علي امين گنڊاپور بونير ۾ ٿيل ڪلائوڊ برسٽ بابت چيو ته اهو وڻن سان لاڳاپيل ناهي پر موسم ۾ شدت سبب ٿيو آهي، اهڙا واقعا ڪٿي به ٿي سگهن ٿا. ٻوڏ سان گڏ پٿرن کي روڪڻ لاءِ سوئزرلينڊ جي طرز تي نيٽ لڳايا ويندا.