شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس: ڀارتي حڪومت جون سفارتي ناڪاميون وائکي ٿي ويون

شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي اجلاس دوران ڀارتي حڪومت جون سفارتي ناڪاميون عالمي سطح تي واضع ٿي ويون آهن. بي جي پي جي حڪومت هيٺ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي چهري تي مايوسي، اڪيلائپ ۽ شڪست جا اثر صاف نظر آيا. سندس واپسي موقعي تي باڊي لينگويج پڻ ڀارت جي سفارتي مشڪلاتن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو اجلاس دوران مودي جون مصنوعي مسڪراهٽون ۽ غير پيشه وارانه رويو ڀارت جي ناڪام پرڏيهي پاليسي تي پردو وجهڻ ۾ ناڪام رهيا. عالمي اڳواڻن سان غير ذميوارانه رويو به سفارتي مايوسي کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ثابت ٿيو. مودي چين ۽ روس جي صدرن سان لاڳاپن جو ڏيک ڏيڻ لاءِ هٿ ملائڻ ۽ مصنوعي گرمجوشي ڏيکارڻ ۾ مصروف رهيو، پر حقيقت اها آهي ته سرحدي تڪرار، فوجي نقصان ۽ آمريڪي ٽيرف سان وڌندڙ معاشي دٻاءُ ڀارت لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي. عالمي مبصرن موجب، ڀارت جون جنگي پاليسيون، دهشتگردي جي سهولتڪاري ۽ پاڙيسري ملڪن سان تڪراري رويي ان جي ساک کي شديد نقصان پهچايو آهي. هاڻ دنيا ڀارت جي کوکلين دعوائن ۽ جارحاڻن بيانن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارت جي ناڪام حڪمتِ عملي واضح ٿي وئي ۽ نريندر مودي عالمي سطح تي سفارتي رسوائي جي علامت بڻجي ويو آهي.