پنجاب جا درياهه خطري ۾، ڀارت ستلج ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيو

لاهور: پنجاب جي دريائن ۾ چاڙهه جي صورتحال برقرار آهي ۽ ڀارت ستلج درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب بريڪي ۽ فيروزپور ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي۔ ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان سان رابطو ڪري آبي وسيلن واري وزارت کي آگاهه ڪيو ته صبح جو اٺين وڳي ستلج ۾ وڏو ٻوڏ وهڪرو ڇڏيو ويو۔ گذريل ڏينهن به ڀارت وڏي مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو هو۔ پي ڊي ايم اي پنجاب ضلعن جي انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ گنڊا سنگهه وٽ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 52 هزار ڪيوسڪ ۽ سليمانڪي وٽ 1 لک 24 هزار ڪيوسڪ آهي۔چناب درياءَ ۾ به وڏو ٻوڏ وهڪرو ڏکڻ پنجاب ڏانهن وڌي رهيو آهي۔ مراله وٽ وهڪرو 96 هزار ڪيوسڪ، خانڪي وٽ 1لک 20 هزار ۽ قادرآباد وٽ 1 لک 35 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي بيڊ تريمن وٽ انتهائي اونچي سطح جي ٻوڏ آهي جتي وهڪرو 5 لک 16 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي ۽ وڌندو پيو وڃي۔ راوي درياءَ ۾ به پاڻي وڌي رهيو آهي۔ جسر وٽ وهڪرو 54 هزار ڪيوسڪ، شاهدره وٽ 60 هزار ڪيوسڪ، بلوڪي وٽ 1 لک 37 هزار ڪيوسڪ ۽ بيڊ سدهنائي وٽ 1 لک 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي۔ رليف ڪمشنر پنجاب نبيل جاويد چيو آهي ته 5 سيپٽمبر تائين راوي، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ انتهائي اونچي درجي جي ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ برسات سبب صورتحال وڌيڪ ڳري ٿي سگهي ٿي۔ سندس چوڻ آهي ته وزيراعليٰ پنجاب جي هدايت تي سڀئي کاتا الرٽ آهن ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔