”ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق؟ عظيميٰ بخاري به علي امين گنڊاپور جي ڳالهه سان متفق“

پنجاب جي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته هن پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي. ڊي جي پي آر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٽنهي دريائن ۾ پاڻي اچڻ وقت تي تياري نه ڪئي وڃي ها ته نقصان برداشت ڪرڻ جوڳو نه رهي ها. عظميٰ بخاري ٻڌايو ته ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب ٻوڏ جي خطري ۾ آهن، تنهنڪري پنجاب حڪومت رليف جو ڪم جاري رکندي جيستائين هر متاثر جي گهر جي ٻيهر تعمير مڪمل نه ٿي وڃي. هن چيو ته صورتحال ڏاڍي خطري واري آهي ۽ ملتان کي بچائڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ٿي رهيون آهن، پر جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ته ان جو اثر پنجاب تي به پوندو.صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب اڃا تائين 41 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو: “اسان کي تمام جلد ڪالاباغ ڊيم بابت فيصلو ڪرڻو پوندو.”عظميٰ بخاري چيو ته هڪ طرف عوام ٻوڏ سان جدوجهد ڪري رهيو آهي، پر ٻي طرف ڪجهه ماڻهو صرف پروپيگنڊا ڪري افراتفري پيدا ڪن ٿا، جن ۾ نه خدا جو خوف آهي ۽ نه ئي ملڪ سان محبت.هن پيپلز پارٽي جي خط واري فيصلي کي بهتر قرار ڏنو، پر ساڳي وقت چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز بنا ڪنهن مشوري جي به بهترين ڪم ڪري رهي آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن بابت عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪندا ته کين سموريون سهولتون ڏنيون وينديون.ان موقعي تي هن اهو به ٻڌايو ته ڀارتي ڪميشن ڪڏهن ڪڏهن پاڻي بابت اطلاع ڏيندو آهي، پر جيڪڏهن اسان اڳواٽ تياري نه رکون ها ته نقصان ناقابلِ برداشت ٿئي ها.